پير ڪمال ڪمال فقير

پير ڪمال ڪمال فقير: ڪمال فقير نوشهري فيروز جي مشهور بزرگ ميان عبدالرحمان عرف ’عدر‘ سلطان جي اولاد مان هو. وڏو درويش ۽ ولي ٿي گذريو آهي. 1294هه/1877ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪيائين، جتي پنج درجا سنڌي، انگريزي ۽ ڪجهه فارسي پڙهيو. ديني تعليم مولوي فضل محمد وٽ حاصل ڪيائين. سندس لاڙو ننڍي هوندي کان وٺي فقيريءَ ڏانهن هو. نهايت ئي سادي زندگي گذاريندو هو. سڀ ڪجهه ترڪ ڪري ميان عَدُر جي قبرستان ۾ جهوپڙي ٺاهي وڃي رهڻ لڳو، هر جمعي رات سندس اوتاري ۾ فقيراڻو راڳ ٿيندو هو. پاڻ پنهنجو ڪلام يڪتاري تي ڳائيندو هو. سندس راڳ جي محفل ۾ حافظ حاجي احمد ڌوڪي، آخوند ڪريم بخش، حاجي محمد صالح چنو ۽ محمد يوسف خطيب ساڻس گڏ هوندا هئا. آخوند ڪريم بخش، اصل ۾ ناگور جو رهاڪو هو ۽ نوشهري فيروز جي مدرسي ۽ هاءِ اسڪول جي بورڊنگ هائوس ۾ مسجد جو پيش امام هو ۽ شاگردن کي قرآن مجيد پڙهائيندو هو. ڪمال فقير جو تعلق مخدوم ظهير الدين عرف مخدوم پرو ڄام هالن واري سان هو. پاڻ مرشد جو وڏو ادب ۽ احترام ڪندو هو ۽ ڏانهنس هميشه پيرين اگهاڙو ويندو هو. ڪمال فقير 1382هه/1911ع ۾ وفات ڪئي. هن عشق الاهيءَ جو ذريعو شاعريءَ کي بڻايو. سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪلام چيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليات ڪمال“ جي نالي سان سيد اظهر گيلانيءَ ترتيب ڏئي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع ڪرايو. سندس ڪلام ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي بيت، ڪافيون، مولود، مداحون ۽ ٽيهه اکريون شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1877.00.00  عيسوي

ڪمال فقير 1294هه/1877ع ۾ ڄائو


1911.00.00  عيسوي

ڪمال فقير 1382هه/1911ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ام ابي هريره رضه
راس مسعود حسين
الطاف حسين انڙ
تعمير حسين
جيوڻ شاهه سيد
جهانگياڻي پريتي
پوڪرداس ٿانور داس
آغا بدر الدين گهنيو
شاهه محمود قريشي
ٿيوڊر روز ويلٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون